ارڙهين آئيني ترميم ۽ آمريت جي رستي روڪ

0
136
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته هر ‘بادشاهه’ جو پهريون قانون پنهنجي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ ان ئي اصول تي عمل ڪندي هن ملڪ ۾ اقتدار تي قبضو ڪندڙ آمرن 1973ع واري آئين ۾ پنهنجين من پسند ترميمن جون چَتيون هڻي ان جي صورت ئي مسخ ڪري ڇڏي. پارلياني طرز جو آئين صدارتي حڪمرانيءَ وارو آئين بڻجي ويو ۽ اهڙي ريت ان آئين جي صورت “ڌڙ ريڍو- سِسي ٻاڪري” واري بڻجي وئي. جنهن بعد اهو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي وڃي ٿو، جنهن 2010ع ۾ آئين ۾ ارڙهين ترميم منظور ڪرائي ان آئين کي ڪنهن حد تائين اصلوڪي صورت ۾ بحال ڪيو پر ان ترميم کانپوءِ لڳاتار انهيءَ کي رول بيڪ يا ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. اها ئي ترميم آهي جيڪا هر آمر جي طالع آزمائي کي روڪي ٿي. اهڙين ئي ڪوششن جو تسلسل هن وقت پڻ نظر پيو اچي. نگران وزيراعظم ان ترميم جي خلاف ۽ صدارتي نظام جي حق ۾ ڳالهائي چڪو آهي ۽ هاڻي ته پاڻ کي جمهوريت جا چئمپيئن سڏائيندڙ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ وارا نعرا هڻندڙ به ارڙهين آئيني ترميم خلاف اهڙي ڪرت ۾ لڳي ويا آهن. ميڊيا تي رپورٽ ٿيل خبرن موجب، نواز ليگ ارڙهين آئيني ترميم جي تبديلي تي غور ڪري رهي آهي. پارٽي جي منشور ڪاميٽي کي پڻ ان سلسلي ۾ گهڻيون تجويزون ڏنيون ويون آهن. ان کانسواءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ جي طريقيڪار کي نئين صورت ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پارٽي اجلاس ۾ ارڙهين ترميم ۾ تبديلي جي تجويز بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي پارٽي اجلاس ۾ ارڙهين آئيني ترميم ۾ تبديلي جي ڪنهن به تجويز تي غور نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ٿي آهي.

1973ع واري آئين جي ترميمن ذريعي صورت مسخ ڪرڻ کانپوءِ اهو آئين صدارتي طرزِ حڪمراني وارو آئين بڻجي ويو هو ۽ ان جي پارلياماني جمهوري روح کي ختم ڪيو ويو هو. صدر کي چونڊيل حڪومت برطرف ڪرڻ جا اختيار حاصل هئا ۽ ڪيترائي ڀيرا اهو اختيار استعمال ڪندي چونڊيل حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو هو پر ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ انهن آمراڻن اختيارن مان نجات ملي پر ان ترميم خلاف سازشن جو انت اچي نه سگهيو آهي. توڙي جو ان ترميم تحت ڪيترائي کاتا صوبن کي منتقل ڪيا ويا پر پوءِ به وفاق اُرهه زورائي ڪندي تعليم، صحت سميت ڪيترن ئي کاتن جا متبادل بڻائي پاڻ وٽ رکيا، جنهنڪري هڪ ته خرچ وڌي ويو ۽ ٻيو صوبن جي اختيارن ۾ به مداخلت ٿيڻ لڳي. ارڙهين آئيني ترميم سان توڙي جو صوبن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ته ڪانه ملي پر وري به ڪنهن حد تائين ڪجهه اختيار منتقل ٿيا، جن کي به ڪجهه قوتون برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. عمران خان جي دور ۾ به ارڙهين ترميم خلاف سازشون ٿينديون رهيون پر عمران خان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڪانه هئي، جنهنڪري هو اها ترميم ختم ڪري نه سگهيو ۽ هاڻي مسلم ليگ (ن) جي حوالي سان پڻ اهڙيون خبرون آهن ته انهن ارڙهين ترميم جي خاتمي ۽ صوبن ۾ مالي وسيلن جي ورڇ جي طريقيڪار کي نئين صورت ڏيڻ تي پڻ ويچارڻ شروع ڪيو آهي. توڙي جو مسلم ليگ (ن) طرفان ترديدن جا طوفان برپا ڪيا ويا آهن پر ميان نواز شريف کي رستو صاف ڪري ڏيڻ مان لڳي ٿو ته ڪجهه قوتون کانئس ڪو “اهم” ڪم وٺڻ چاهين ٿيون. ميان نواز شريف کي ياد رکڻ گهرجي ته سندس طاقت عوام ۽ ملڪ جو آئين آهي، جنهن کي ڪمزور ڪرڻ جو مطلب جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ آهي.

اسان کي اها خبر ناهي ته ميان نواز شريف کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏيارڻ جي واعدي سان آندو پيو وڃي ۽ ان جو نشانو ارڙهين آئيني ترميم هوندي. اسان سمجهون ٿا ته مسلم ليگ (ن) هڪ سياسي پارٽي آهي ۽ اميد ٿا ڪريون ته اها اهڙي ڪنهن ڪم ۾ استعمال نه ٿيندي. ميان نواز شريف کي پڻ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ وارين ڪوششن جو هي ملڪ متحمل نٿو ٿي سگهي ۽ اهڙي ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪوشش ملڪ جي سلامتي جي قيمت تي هوندي.