اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، سندس گهرواري سرينا عيسيٰ کوسو سميت مختلف بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسيئيشن جون نظرثاني واريون درخواستون منطور ڪري ورتيون، نظرثاني واريون درخواستون 6- 4 جي تناسب سان منظور ڪيون ويون، عدالتي فيصلي ۾ ايف بي آر جي جاچ ۽ رپورٽون، ڪارروائي ڪالعدم قرار، جوڊيشل ڪائونسل به ڪارروائي نه ڪندي. ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني بينچ نظرثاني جي درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ڪئي، جنهن کان پوءِ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ تقريبن پوڻا ٻه ڪلاڪ جو وقفو ڪيو ويو، وقفي کان پوءِ جسٽس عمر عطا بنديال نظرثاني جي درخواستن تي فيصلو پڙهي ٻڌايو ته هن نظرثاني درخواستن تي ججن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن مطابق سرينا عيسيٰ کوسو ۽ ٻين درخواستگذارن جون نظرثاني واريون درخواستون 6- 4 جي تناسب سان منظور ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني واري درخواست 5-5 جي تناسب سان منظور ڪئي وڃي ٿي، جسٽس عمر عطا بنديال فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نظرثاني اپيلون منظور ڪندڙن ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس منظور ملڪ، جسٽس امين الدين خان، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل آهن، جڏهن ته جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي محمد امين، جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر 6 ججن جي فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي، ان کان علاوه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي 19 جون 2020ع واري فيصلي تي قائم آهي ان ڪري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي 5 – 5 جي تناسب سان برابر رهي آهي، واضح رهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي مرڪزي فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏني هئي.عدالت پنهنجي 19 جون 2020ع واري فيصلي ۾ سرينا عيسيٰ کوسو جو معاملو آف شور قرار ڏيندي ايف بي آر کي جاچ لاءِ اماڻڻ جو فيصلو ڏنو هو. فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ وفاقي حڪومت جي وڪيل عامر رحمان پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ۽ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ڪٿي به چيلينج نه ٿي ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ صرف غير معمولي حالتن ۾ ڪائونسل ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ سوال پڇڻ جو اختيار رکي ٿي، هي ڪيس سپريم ڪورٽ جي پڇيل ٽن سوالن جي بنياد تي آهي، انهن ٽن سوالن جو جواب قاضي فائز عيسيٰ ڏيندو ته اهو مامرو حل ٿي ويندو، سرڪاري وڪيل عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ته فروغ نسيم چيو آهي ته چيلهه ۾ سور آهي ان ڪري عدالت ۾ پهچي نه ٿو سگهان، ان کي دليل ڏيڻ لاءِ هڪ ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته اسان وٽ وقت ناهي، فروغ نسيم کي چئو ته پنهنجا دليل لکت ۾ جمع ڪرائي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان دوران مداخلت ڪندي جسٽس عمر عطا بنديال کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان شڪايت ڪندڙ آهيو، اوهان اهڙا سوال وفاقي حڪومت جي وڪيل کان ڇو ڪري رهيا آهيو جنهن کان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ جيڪو اوهان حلف کنيو آهي ان جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهيو، جسٽس عمر عطا بنديال کيس جواب ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته شايد هن عدالت کي هڪ ڌر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اٿي وڃڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مداخلت ڪندي چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال حڪومتي وڪيل جي واتان پنهنجا لفظ چورائڻ چاهي ٿو، اصل ۾ ايف بي آر جي رپورٽ نظرثاني درخواستون داخل ڪرڻ کان پوءِ آئي هئي، سرڪاري وڪيل جواب ڏيندي چيو ته نظرثاني جي ٻڌڻي دوران دستاويز ڏسي دليل ڏيڻ منهنجو حق آهي،جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ۾ ان جي گهرواريءَ جي دستاويزن جو جائزو وٺڻ غلط آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا هي عدالت قانوني ڪم ڇڏي انڪم ٽيڪس آفيسر وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري وڪيل دليل جاري رکندي چيو ته هڪ جج جي خاندان جي آف شور ملڪيتن جو ڪيس سامهون آيو، ريفرنس ڪالعدم قرار ڏنو ويو پر مامرو اڃا موجود آهي، عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ ضروري آهي ته اهو مسئلو ختم ٿيڻ گهرجي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي لاڳاپيل فورم آهي جتي اهڙا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان 3 سوال ڪيا هئاسين، جن جو جواب ڏيڻ کان ان نڪار ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وراڻيندي چيو ته مون جواب ڏيڻ کان انڪار نه پر انهن پڇيل سوالن تي اعتراض اٿاريو آهي، جيڪي ڳالهيون مون نه چيو آهن اهي منهنجي واتان ڪڍرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، جسٽس فائز چيو ته منهنجي ۽ منهنجي خاندان وارن جو ميڊيا ٽرائل هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، اسان جو خاندان تنقيد ٻڌڻ لاءِ موجود آهي، اسان جيڪڏهن رٽائرڊ جرنيلن کي ڇيڙينداسين ته اترين علائقن جو سير ڪرايو ويندو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت فارين بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم آبزرويشن ڏئي چڪي آهي، هن ڪيس ۾7 جج چئي چڪا آهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ احتساب جي قابل آهي، اسان ججن مان به جيڪڏهن ڪوئي ملڪيتن جي وضاحت نه ڪري سگهندو ته ان جو به احتساب ٿيندو، جنهن کان پوءِ وفاق جي وڪيل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سرينا عيسيٰ کوسو پنهنجا جوابي دليل لکت ۾ جمع ڪرايا ۽ ٻڌڻي مڪمل ڪندي تقريب پوڻن ٻن ڪلاڪن تائين فيصلو محفوظ رکيو. جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جو لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني واريون درخواستون 6- 4 جي شرح سان منظور ڪيو ويون ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهروارن جي ملڪيتن وارو مامرو ايف بي آر کي موڪلڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ جي 23.10.2020 واري تفصيلي فيصلي ۾ ملڪيتن جي جاچ وارو مامرو ايف بي آر کي موڪلڻ وارو مامرو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، انهن نظرثاني وارين درخواستن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس قاضي امين ڇهن ججن جي فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي، جسٽس مقبول باقر، جسٽس منظور ملڪ، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس امين الدين خان درخواستن جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ وارن ججن ۾ شامل آهن، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، 19.06.2020 تي ڏنل فيصلو واپس وٺندي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، ان حڪم جي ڏس ۾ جيڪا به ڪارروائي شروع ٿي اها غيرقانوني قرار ڏني وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ اهي سموريون درخواستون خارج ڪيون وڃن ٿيون. فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو اضافي نوٽ به شامل آهي جسٽس يحيٰ اضافي نوٽ ۾ لکيو ته 19 جون ۽ 23 آڪٽوبر جي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي جاچ غيرقانوني آهي، ايف بي آر جي سموري جاچ، قدم، رپورٽس غيرقانوني قرار ڏجي ٿي، ايف بي آر جي رپورٽس جي بنيادن تي سپريم جڊيشل ڪائونسل به ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.