اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران وچ ۾ ڳالهائڻ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي جسٽس منظور ملڪ چيو ته قاضي صاحب اوهان کي اردو ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڀيرا سمجهائي چڪو آهيان لڳي ٿو هاڻي پنجابي ٻولي ۾ سمجهائڻو پوندو،مهرباني ڪري مداخلت نه ڪريو ويهي رهو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڀيرو ٻيهر مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته قاضي صاحب توهان ويهي رهو، اوهان جي ڳالهائڻ سان سرڪاري وڪيل ڊڄي وڃي ٿو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان هن عدالت ۾هڪ لطيفو ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي جسٽس منظور ملڪ چيو ته مهرباني ڪري ويهي رهو، اوهان جو لطيفو بعد ۾ ٻڌي وٺنداسين، جسٽس فائز چيو ته مون ان ڳالهه جي شڪايت آهي ته مون کي پنجابي زبان ۾ نه روڪيو ويو، پنجابي ٻولي ۾ جيڪڏهن چوان ته “تو ونج تي مين آيا” جو جملو چيو وڃي ها، جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته اوهان پنجابي نه پر سرائيڪي زبان جو جملو ڳالهايو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو منهنجي استاد مون کي پنجابي نه سرائيڪي سيکاري ڇڏي آهي.