جروار (ن پ ا) کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان 2 ھفتا اڳ اغوا ٿي ويل جروار جو رهواسي صحت کاتي جو ملازم گھر پھچي ويو. نوجوان سجاد ميراڻيءَ کي ڪار سوار نامعلوم ماڻھو نثار پمپ ميرپورماٿيلو تي ڇڏي ويا. تفصيل موجب جروار جي ڳوٺ ڳڙهي چاڪر جي رهواسي هيلٿ ملازم سجاد ميراڻي 2 هفتا اڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيو هو، جنهن کي نامعلوم ڪار سوار گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو ۾ نثار پمپ تي ڇڏي ويا. اهڙو اطلاع پمپ ملازمن نوجوان جي وارثن کي ڏنو.نوجوان جا وارث ميرپور ماٿيلو پهچي نوجوان کي ڳڙهي چاڪر وٺي پهتا. نوجوان جي بازياب ٿي گهر پهچڻ تي گهرياتين ۾ خوش جي لهر ڇائنجي ويئي. هوڏانهن بازياب ٿيل نوجوان سجاد ميراڻي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ مون تي تشدد ڪندا ۽ رات ڏينهن هٿ پير ٻڌي ڇڏيندا هئا. مون کي اڄ هتي ڇڏڻ وقت اهو چئي ڇڏي ويا ته وارثن تنهنجي آزادي لاءِ قران پاڪ کڻي گهمايو آھي، ان جي صدقي اوهان کي آزاد ڪيون ٿا. هن چيو ته منهنجي وارثن ڀنگ جي رقم نه ڀري آھي، مون کي پاڪ ڪلام جي صدقي آزاد ڪيو ويو.