احمدپور ( ن پ ا ) احمدپور لڳ ڳوٺ راضي فقير ميتلو ڀرسان جيها مسجد ٽنڊو مريد حيدر لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر لڳڻ سبب روڊ تي بيٺل 28 ورهين جو معذور نوجوان خان محمد پٽ عرس ميتلو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو . فوتيءَ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته معذور نوجوان ڳوٺ ٻاهران روڊ تي بيٺو هو ته تيز رفتار ٽريڪٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري مٿس چڙهي ويو، نتيجي ۾ معذور نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. اطلاع تي احمدپور پوليس پهچي ڊرائيور اڪرم ميتلو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.