ڪراچي (نمائندن وٽان) بحريا واقعي ڪيس جي باندي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ سيد زين شاهه جو ڪراچي سينٽرل جيل مان آزادي کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي کان سن ويندي ڄامشوري ضلعي ۾ وک وک تي سندس شانائتو استقبال ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه ڪراچي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ سن ويندي نوري آباد، لوڻي ڪوٽ، ڄامشورو ٽول پلازه، ڄامشورو ڦاٽڪ، سيد آباد، علي آباد، منظور آباد، خانوٽ، خاصائي، مانجهند، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ سن سوڌو ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن سوڌو مختلف برادرين طرفان الڳ الڳ استقبال ڪيو ويو، مٿس گل نڇاور ڪري اجرڪ اوڍايا ويا، ان موقعي تي مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته بحريا ٽائون جي ناجائز والار خلاف جنگ جاري رهندي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سدائين سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي آھي اسان ڪنھن به ڌمڪين يا ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناھيون. هن چيو ته پ پ ڪرپشن ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سنڌ دشمن منصوبن حوالي ڪري ڇڏي آھي جنهن خلاف ڪارڪن ڪنهن به صورت ۾َ پنهنجي ڌرتي تان هٿ نه کڻندا بحريا ٽائون ڪيترا به ڪيس ڪري پر پوئتي نه هٽبو ملڪ رياض ۽ پ پ جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو هاڻي دهشتگردي جي ڪيس جو هٿيار مڏو ٿي چڪو آھي قومي ڪارڪن هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آھن جيل ۾ رهڻ سان ڪيسن جو خوف ختم ٿيو گئس نجڪاري ۽ ٻٽي نظام خلاف ڪارڪنن ڀرپور جدوجهد ڪري ختم ڪرايا هاڻي زرداري لٽمار ٽولي خلاف جدجهد تيز ڪنداسين. اسان کي سنڌي هجڻ جواحساس جنهن ڏياريو اهو هو سائين جي ايم سيد جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ نه وري اصولن تي ڪا سوديبازي ڪيائين ۽ اسان کي به سچائي، اصول پرست ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن سان بيهڻ جو جيڪو فلسفو ڏئي ويو آهي اسان ان جي ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، ملڪ رياض ۽ پيپلز پارٽي اسان تي ۽ ڪيترين ماڻهن تي بحريا ٽائون جا ڪوڙا ڪيس ڪيا اڄ منهنجي آزادي حق ۽ سچ جي آزادي آهي، منهنجي آزادي جون اوهان سڄي قوم کي مبارڪون هجن هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن جا مرد توڙي عورتون ڪرپٽ آهن. 102 جي جيل جو ٿڪ توهان سنڌ جي ماڻهن جي ملندڙ محبتن لاهي ڇڏيو آهي. هڪ دفعو وري به سنڌ ۽ وطن خاطر جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هوڏانهن ايس يوپي سربراهه ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد جلا محمود شاهه سن ۾ پنهنجي درياهه واري بنگلي تي پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ملڪ رياض اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪري اسان کي پنهنجي مقصد تان ھٽائي نه ٿا سگھن، اسان جي جنگ ڪرپشن ڪندڙن سان آهي ڪراچي جي قديمي ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور ۽ اسان جلدي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي گڏيل لائحه عمل جوڙينداسين ۽ سنڌ جي ھر تعلقي ضلعي ۾ احتجاج ڪنداسين ۽ پوءِ ڪراچي جو رخ ڪنداسين اسان کي ڪوڙا ڪيس جھڪائي نه ٿا سگھن.