جج ميرٽ تي فيصلو ڪري ته شهباز شريف جيل ۾ هوندو: فواد چوڌري

0
319
تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف هن وقت عبوري ضمانت تي آهي، جج ميرٽ تي فيصلو ڪري ته شهباز شريف جيل ۾ هوندو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توهان جي حڪومت ايندي ئي ايف آءِ اي ۽ نيب جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪئي، ڇو ته ايف آءِ اي شهباز شريف خاندان کان جاچ ڪري رهي آهي ۽ سمورا دستاويزي ثبوت ايف آءِ اي ۾ موجود آهن

هن چيو ته حڪومت ايندي ئي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کي برطرف ڪري ڇڏيو، شهباز شريف جي ڪرپشن بي نقاب ڪندڙن جي نوڪرين جو تحفظ ضروري آهي، ڪرپشن جي جاچ ڪندڙن جي نوڪرين جو تحفظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته موجوده ڪابينا جا 36 مان 26 ميمبر ضمانت تي آهن، صدر عارف علوي، عمران خان ۽ شاهه محمود تي سياسي ڪيس هئا، انهن جهڙو ڪرمنل ۽ مني لانڊرنگ ڪيس نه هئا

هن چيو ته شاهه زين بگٽي جنهن وزارت جو وزير آهي ان ۾ خاتمي جو لفظ اضافي آهي، اسان جي بچاءَ واري وزير جا ماضي جا ڪلپ، انٽرويو هلي رهيا آهن، اهڙي ڪابينه کي پاڪستان جي عوام جي بي عزتي سمجهيو وڃي ٿو

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اها عوام جي غلط فهمي آهي ته پي ٽي آءِ يا عمران خان تي پابندي لڳي سگهي ٿي، پاڪستان جي سياست هاڻي عمران خان جي چوڌاري گهمي رهي آهي، عمران خان کانسواءِ پاڪستان جي سياست نٿي هلي سگهي، توهان عمران خان سان گڏ آهيون يا مخالف

فواد چوڌري چيو ته اڄ خواس هڪ طرف آهن ۽ عوام طرف آهي، اسان کي ڀت سان لڳايو ويو ته گهڻو نقصان ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائڻ وارن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو، ماڻهن جي اکين ۾ هن رت لٿل آهن، ماڻهو سمجهي رهيا آهن ته هنن پاڪستان کي گروي رکي ڇڏيو آهي، گهٽين ۽ محلن ۾ جهيڙا رت نه پيو وهي ته هي صرف عمران خان جي صبر جي ڪري آهي، عمران خان هر جلسي ۾ ذميواراڻي ڳالهه ڪئي آهي

هن چيو ته اسان جي معيشت ٻڏي رهي آهي، سياست جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آهي، هي پيٽرول 30 رپيا مهانگو ڪرڻ چاهين پيا پر عوامي دٻاءُ سبب نه وڌايا، اسان عوام جي خواهشن تي عمل ڪريون ٿا، ان ڪري چئون ٿا چونڊون ڪرايون

اڳوڻي وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي چون ٿا نومبر کان پوءِ چونڊون ڪرائيدناسين، ٻڌايو وڃي ته نومبر تائين ملڪ ڪيئن هلائيندا، ڪابينا ۾ جيڪا ڪمپني آهي اها نٿي هلي سگهي، هي جهڙي طريقي سان حڪومت هلائي رهيا آهن هي معيشت کي سري لنڪا کان به هيٺ کڻي ايندا

ھي به پڙھندا

وڏي محنت سان جهرلو حڪومت کي گهر موڪليو، اسان ڪرپشن کي ختم ڪنداسين: وزيراعظم شهباز شريف