اسڪولي ڊيسڪن وارو اسڪينڊل: سنڌ حڪومت عدالت مان وڏو رليف وٺڻ ۾ ڪامياب

0
410
اسڪولي ڊيسڪن وارو

ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ 24 هزار 887 رُپيا في ڊيسڪ جي حساب سان 26 هزار اسڪولي ڊيسڪون خريد ڪرڻ وارو ٽينڊر صحيح قرار ڏئي ڇڏيو

عدالت ٽينڊر حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار درست قرار ڏيندي نجي ڪمپني کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

24هزار 887 رُپين ۾ هڪ ڊيسڪ خريد ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ سرڪار انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي

اسڪينڊل ميڊيا تي اچڻ ۽ ڪميٽي جڙڻ بعد نجي ڪمپني ٽينڊر رد ٿيڻ جي خدشي سبب هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو