وفاقي سرڪار ثناءُ الله عباسي کي هٽائي ڇڏيو، محمد رائو طاهر نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر

0
533

وفاقي سرڪار ثناءُ الله عباسي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا اي سي ايل ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ڪميٽي کي اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ بابت ٽي او آرز جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

 ثناءُ الله عباسي کي هٽائي محمد رائو طاهر کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، مفتاح اسماعيل جو نالو به اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري، ناڻي جو وزير اي سي ايل مان نالو نڪرڻ بعد آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ واشنگٽن ويندو

اجلاس بعد وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران خان 4 سالن ۾ 20 هزار ارب رُپيا قرض ورتو، پي ٽي آءِ 5 هزار 575 ارب رُپين جو خسارو ڇڏي وئي آهي،ڀاڻ ۽ڪڻڪ پرڏيهه اسمگل ڪرائي هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو، پيٽرول تي سبسڊي جاري نٿا رکي سگهون، وزيراعظم کي ان مامري تي فيصلو ڪرڻو پوندو

ھي به پڙھندا

وڏي محنت سان جهرلو حڪومت کي گهر موڪليو، اسان ڪرپشن کي ختم ڪنداسين: وزيراعظم شهباز شريف