صدر عارف علوي سان شهباز شريف جي مختصر ملاقات

0
246
صدر عارف علوي سان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وزيراعظم شهباز شريف ساڻسن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي آهي

ذريعن موجب شهباز شريف ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ مختصر ملاقات ٿي، جيڪا 15 کان 17 منٽن تائين جاري رهي، ملاقات کانپوءِ شهباز شريف ايوان صدر روانو ٿي ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف صدر عارف علوي سان ملاقات ۾ چئني صوبن جي گورنرن جي مقرري ۽ وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر ۾ موجود خال کي ختم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ شهباز شريف جي صدر عارف علوي سان اها پهرين ملاقات آهي، صدر طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري وزيراعظم جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ شهباز شريف سينيٽ چيئرمين حلف ورتو هو

ھي به پڙھندا

جج ميرٽ تي فيصلو ڪري ته شهباز شريف جيل ۾ هوندو: فواد چوڌري