جاتي (ن پ ا) جاتي ۾ به شهيد ڪربلا امام حسين ۽ ٻين شهيدن جي چهلم تي مرڪزي امام بارگاهه بچل شاهه تان سوين عزادارن پاران سينا زني ۽ ڇرين جو ماتم ڪندي سيد قادر بخاري، فقير عبدالله سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو روايتي روٽن تان ٿيندو مرڪزي امام بارگاهه شهيد بچل تي پهتو، جتي نوحه خواني سان گڏ ڇرين جو ماتم ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ عزدار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس پاران ماتمي جلوس کي سيڪيورٽي ڏني وئي،