وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ۾ مليريا تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو،  ڳوٺاڻن امتياز عاشق سولنگي، اڪبر چانڊيو، عطا حسين نوناري جو چوڻ هو ته اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، دوائون نه پيون ملن، مليريا پروگرام ضلعي لاڙڪاڻو جي انچارج سلطان چانڊيو ٻڌايو ته مليريا آئوٽ بريڪ ٿي وئي آهي، ڇهن مهينن جو رکيل مليريا جو اسٽاڪ پندرهن ڏينهن م ختم ٿي چڪو آهي، مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ۽ مڇردانيون استعمال ڪيون وڃن.