ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ثقافت کاتي پاران استاد فتح علي خان جي علاج واري دعويٰ وارثن رد ڪري ڇڏي، ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ گذريل 8 ڏينهن کان علاج هيٺ نامياري راڳي استاد فتح علي خان جي ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه سندس کاتي پاران علاج ڪرائڻ جي دعوي ڪئي هئي، ان حوالي سان استاد فتح علي خان جي فرزند نثار فتح علي خان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد گذريل 8 ڏينهن ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، پنجن ڏينهن کان وينٽليٽر تي آهي، کيس ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو آهي، ڊاڪٽرن پاران علاج جاري آهي پر اسانکي افسوس اهو آهي ته اسان جي والد سان انصاف نه پيو ٿئي، ثقافت کاتي جي وزير پاران ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو، اسين پنهنجي ئي خرچ تي علاج ڪرايون پيا، اسين ڪنهن کان به خيرات نٿا گهرون پر اسانجي گهراڻي ٽي سو سالن کان راڳ جي خدمت ڪئي آهي، منهنجو والد ستاره امتياز سميت مختلف ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، دنيا ۾ جتي به راڳ جي ڳالهه ٿي منهنجي والد پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، ثقافت کاتي جو هڪ آفيسر ٽي لک رپيا کڻي آيو هو، جيڪي اسان واپس ڪري ڇڏيا، پرستارن کي اپيل آهي ته بابا جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن، واضع رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ٽائيم نيوز جي سوال جي جواب ۾ ثقافت کاتي واري وزير سردار شااهه دعويٰ ڪئي هئي ته استاد فتح علي خان جو علاج ثقافت کاتو ڪرائي رهيو آهي.