تھذيب جي ڪھاڻي

0
154

ڊاڪٽر مبارڪ علي / سنڌيڪار فاروق احمد سرگاڻي

 جڏھن اسان دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪندا آھيون ته اسان جي اڳيان گهڻيون ئي ڳالهيون  اچي وينديون آھن. ھن دنيا ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون تبديليون اينديون آھن؟ ماحول ۾ انسانن، جانورن، پکين ۽ وڻن کي ڪيئن ٺاھيو ويو آھي؟ اسان وٽ ھي معلومات سائنس جي ذريعي پھتي آھي. جيئن اسان دنيا جي ارتقا ۽ ايندڙ تبديلين کي سٺي طريقي سان سمجهي سگهون.پنهنجي معلومات جي بنياد تي اسان اھو چئي سگهون ٿا، قديم زماني ۾ جڏھن ماحول مٽبو ھو، ان جو سبب فطرت ھئي، مثال طور جڏھن برف جو زمانو آيو ته سڀئي شيون ڄمي ويون، وري جڏھن برف پاڻي جي صورت اختيار ڪئي ته ھر پاسي ساوا ٻوٽا وڌڻ شروع ٿيا، ڏسندي ڏسندي وڏو جنگل ٿي ويو، جانور ۽ پکي نظر اچڻ لڳا. جڏھن درياهه ۾ ٻوڏ آئي ته پاڻ سان سڀني شين کي لوڙهي وئي، زلزلو آيو ته ھن ھر شيءَ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي. انسان ان وقت فطرت جي اڳيان بي وس ھو. فطرت جو ان وقت عروج ھو پر ان وقت به ماڻھو جو ذھن پاڻ سان گڏ ھو، ڇو ته هو فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري پيو ۽ ان سان وڙھڻ جي تياري جي باري ۾ سوچي رھيو ھو، جڏهن ھن پنهنجي دنيا پاڻ ٺاھڻ جو سوچيو ۽ ان جي شروعات ڪئي، ان عمل سان انسان تھذيب جا بنياد رکيا. پراڻيون تھذيبون وقت سان گڏوگڏ ختم ٿي ويون، انهن جون وستيون زمين جي ھيٺ اچي ويون، اکين کان اوجھل  ٿي ويون يا بي رحم موسمن جي ڪري بلڪل ختم ٿي ويون. وري اھڙو زمانو آيو جڏهن ماڻهو پراڻن کنڊرن کي ڏسندو ھو ته حيران ٿي ويندو ھو، اڪثر اھي اھو چوندا ھئا ته پراڻي زماني ۾ ھتي جن، ڀوت، پريون يا اڻ ڏٺل ماڻهوَ رھندا ھئا.

موجوده وقت ۾ جڏهن علم ۾ واڌارو آيو ته تاريخ قديم آثارن جي مدد سان ماھرن پراڻين وسندين جي کوجنا ڪئي ۽ انهن کي ڳولي لڌو. جڏهن کوٽائي ڪري ماڻهن کي اھي مڪان ملي ويا ماھرن انهن  جو نقشو ٺاھيو ۽ اتان مليل شين جي مدد سان پراڻي تھذيب کي زنده ڪري ان کي تحرير جي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. جڏهن قديم آثارن جا ماھر ڪنهن ھڪ وسندي جي کوٽائي ڪندا آھن، سڀ کان پھريان اھو ڏسندا آھن ته ھن کان پھرين اھڙا اوزار جيئن ٿانو، زيور يا ھٿيار ڪٿي ڪنهن ٻي وسندي  ۾ مليا آھن؟ جيڪڏهن ايئن ٿيو آھي ته اھي ھنن کي ساڳي ئي تھذيب جو نالو ڏيندا. جيئن ميسوپوٽيمه ۽ سنڌو ماٿري جي تھذيب جو مختلف هنڌن مان مليل آثارن جو ھڪ ٻئي جي وچ تعلق آھي. ڳالهه جو تت اھو نڪرندو ته ھڪڙي تهذيب گهڻن علائقن تائين ڦھليل ھوندي آھي. زبان، رھائش، لباس، کائڻ، فرنيچر ۽ رسم رواج گهڻن ماڻهن کي تهذيب ۾ ڳنڍي رکندو آھي. قديم ۽ جديد پٿر جي دور ۾ ماڻهو ڇڙوڇر ھئا، خانه بدوشن واري زندگي گذاريندا ھئا ان ڪري ڪائي تهذيب اڀري نه سگهي.

ھي ڳالهه به ذھين نشين ڪرڻ کپي تبديلي ھڪ زماني کان ٻئي زماني تائين اچانڪ ايندي آھي. تبديلي جو عمل آھستي آھستي ايندو آھي. جديد پٿر جي دور کان وٺي برونز جي زماني جي وچ ۾ پراڻيون روايتون به ھيون ۽ ان جي جاءِ تي نيون روايتون به جنم وٺن پيون. ھي تبديلي 4000 ق م ۾ وڃي پوري ٿي، ان وقت  جو قديم علم، فن، ھنر گڏ ٿيل تجربا نئين حالتن جو سبب بڻيا. ان سان ھڪ نئين زماني جو سج اڀرڻ لڳو.برونز  جي تھذيبن ۾ سڀ کان پھرين ميسوپوٽيميه جي تهذيب آھي، جنهن جو زمانو 3500 ق م آھي, ٻئي نمبر تي مصر جي تهذيب 3100 ق م، سنڌو ماٿري 2500 ق م ۾ آھي.

درياهه ۽ تھذيب

تهذيبن جي شروعات وادين يا درياھن جي ڪنارن تان شروع ٿي آھي، ان جو سبب اھو آھي ته درياهه جي ذريعي پاڻي آساني سان ملي ويندو آھي. پاڻي نه صرف انساني زندگي لاءِ ضروري آھي پر اھو زراعت لاءِ به اھم آھي، ان ڪري جڏھن ماڻهن زراعت شروع ڪئي وسندي ٺاھي ھڪ ھنڌ ھميشه رھڻ لڳو ته پاڻي ان لاءِ تمام گهڻو ضروري ٿي ويو، درياھن جي ڪناري تي رھڻ لڳو. ھن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪينال ڪڍيا، زمينن کي پاڻي ڏنو، جڏھن درياھه ۾ ھر سال ٻوڏ ايندي ھئي زمينن کي زرخيز ڪري ڇڏيندي ھئي جنهن سان فصل سٺو ٿيندو ھو. اھو ئي سبب ھو جو ماڻهو پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار تيار ڪندو ھو.

ھاڻي سڀني ماڻهن کي اھو احساس ٿيو ته جيڪڏهن ھو پاڻ ۾ ملي ڪري ڪم ڪندا ته انهن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو، ان ڪري ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ، درياهه تي بند ٻڌڻ ۽ ڪينالن جي کوٽائي ڪرائڻ اھو تڏھن ممڪن ٿيو جڏھن سڀني گڏجي ڪم ڪيو ڇو ته ھي ڪم ڪو اڪيلو ماڻهوَ نه پيو ڪري سگهي . انهيَ ضرورت ئي ماڻهن کي ھڪ ٻئي سان ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. درياهه جو اھو فائدو به ٿيو ماڻهو ھڪڙي جاءِ تان ٻي جاءِ تائين آساني سان پهچي سگهي پيو، پوءِ انهن سفر لاءِ ٻيڙيون تيار ڪيون جيڪي مسافرن سان گڏ سامان درياهه رستي  ٻين علائقن تائين پھچائڻ شروع ڪيو.