تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان مڙس هٿان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ زال قتل. خبر موجب ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز جکراڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار اسماعيل جکراڻي پنهنجي 20 سالن جي زال فاطما کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي تنگواڻي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال نيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري فاطما کي مڙس اسماعيل جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو، هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جي مڙس ۽ پيءُ ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ ناري قتل ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.