ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ويڪسينيٽرن جي ڀرتين بابت عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 29 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه اختر حسين، قادر بخش، ڪامران مشوري ۽ ٻين پاران داخل درخواست ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ اي پي آءِ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صحت کاتي 22 مارچ 2018ع تي 1733 ويڪسينيٽر ڀرتي ڪرڻ لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون، بعد ۾ اين ٽي ايس ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ جعلسازي ذريعي کين فيل ڪيو ويو، اسان چيف سيڪريٽري کي شڪايت ڪئي، سندن جاءِ تي فيل ٿيل اميدوارن کي پاس ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، انهي باوجود درخواستگذارن کي ملازمت نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته ڊپارٽمينٽ ۾ جايون پڻ خالي پيل آهن. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي اين ٽي ايس پاس ڪندڙ ساڍا 3 سئو کان وڌيڪ اميدوارن کي اي پي اي ۾ ويڪسينيٽر طور ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.