يوم علي عه جي موقعي تي هر قسم جي جلوسن تي پابندي

0
512

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) يوم علي عه جي موقعي تي هر قسم جي جلوسن تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اين سي او سي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته يوم علي عه جي موقعي تي جلوسن تي پابندي ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ جي ڪري لڳائي وئي، پابندي خاص طور تي شهري علائقن ۾ ڪورونا ڪيسز وڌڻ سبب لڳائي وئي، اين سي او موجب يوم علي عه جي موقعي تي مجلس منعقد ڪرڻ جي مشروت اجازت ايس او پيز جي تحت هوندي.