تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڍو بکراڻي ۾ 10 ورهين جي نينگر بدالرحمان بکراڻي کي دڪاندار ثناءُ الله جعفري مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو، وارث علي بخش بکراڻي نينگر کي کڻائي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر عبدالرحمان ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي خاندان سميت اسلام قبول ڪيو هو، نينگر ٻڌايو ته هو شئي وٺڻ لاءِ دڪان تي ويو ته دڪاندار سندس وات کي ڪپڙي سان ٻڌي بدفعلي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد هو بيهوش ٿي ويو، وارثن جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرن جو مطالبو ڪيو.