تنگواڻي (ن پ ا) ڳوٺ بخشيو کوسو واسي پوليس اهلڪار يار محمّد کوسو پوليس لائين ڊيوٽي تي ويندي دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو، وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، مرحوم جي مڙهه کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان پيرهيبت شهيد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيوويو، مرحوم جي پونيئرن ۾ ڇهه پٽ، ٻن نياڻين جي اولاد، هڪ بيواهه ۽ ڀائر سوڳوارن ۾ شامل آهن.