سجاول جوڻيجو (ن پ ا) شهيد ڀٽو اڳواڻ مختيار ڀٽو جو ڀاءُ ۽ شهيد بشير خان قريشي جو ويجهو ساٿي اياز عرف آجو ڀٽو 51 سال جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ گذاري ويو، جنهن جي جنازي نماز عرضي ڀٽو ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سگهڙن، قومي فنڪار سڄڻ سنڌي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. قومي فنڪار سڄڻ سنڌي لطيف سائين جي بيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي، سينيئر قومي ڪارڪن سان گڏ سماجي اڳواڻ طور به مشهور هو، سموري علائقي ۾ اياز عرف ايڌي جي نالي سان مشهور هو، هر ننڍي وڏي سان نياز نوڙت سان ملندو هو.