اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تسنيم حيدر نالي شخص نواز ليگ لنڊن جو ترجمان ناهي، ان جو نواز ليگ سان ڪو تعلق ناهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته تسنيم حيدر وٽ ثبوت آهن ته جي آءِ ٽي جي قانوني فورم تي پيش ڪري، ڪوئي شخص زبردستي پارٽي ترجمان بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، تصوير ۾ نظر اچڻ وارو شخص پي ٽي آءِ لنڊن جو آرگنائيزر آهي، نجي چينل کي چيلنج آهي ته اها خبر برطانيا ۾ نشر ڪري ڏيکاري، برطانيا ۾ ڪوڙي خبر ان خوف کان نشر نه ٿي ڪئي وڃي ڇو ته پهريان به ڪوڙ تي اهي ڏنڊ ڀري چڪا آهن، جعلسازي، ڪوڙ، فيڪ نيوز سان ارشد شريف جي اصل قاتلن تان ڌيان نه ٿو هٽائي سگهجي.