لنڊن (م ڊ) مبينا نواز ليگ لنڊن جي ترجمان عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف جي قتل سازش ۾ پارٽي قيادت کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو، مبينا نواز ليگ لنڊن جي ترجمان تسنيم حيدر شاهه الزام هڻندي چيو آهي ته عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف جي قتل جي سازش لنڊن ۾ تيار ٿي، هن چيو ته نواز شريف سان حسين نواز جي آفيس ۾ 3 ڀيرا ملاقاتون ٿيون، پهرين ملاقات 8 جولاءِ ٻئي 20 سيپٽمبر ۽ ٽئين ملاقات 29 آڪٽوبر تي ٿي،ملاقاتن جون تصويرون به موجود آهن، ٻن ملاقاتن ۾ صرف نوازشريف ۽ ناصر بٽ موجود هئا. نواز ليگ لنڊن جي ترجمان تسنيم حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته  20 سالن  کان نوازليگ سان جڙيل آهيان، مونکي اجلاس لاءِ گهرايو ويو ۽ چيو ويو ته عمران خان ۽ ارشد شريف کي قتل ڪرڻو آهي، چيو ويو ته نئين آرمي چيف جي مقرري کان پهرين ٻنهي کي راهه تان هٽائڻو آهي. هن چيو ته ناصر بٽ نوازشريف سان منهنجو تعارف گجرات جي مضبوط شخص طور ڪرايو ، نوازشريف کي چيو ويو ته تسنيم حيدر وٽ شوٽرز آهن، هي اهو ڪم ڪري سگهي ٿو، نوازشريف چيو ته اوهان کي وزيرآباد ۾ جاءِ ڏينداسين، الزام پنجاب حڪومت تي ايندو، جڏهن مون انڪار ڪيو ته مونکي ٻڌايو ويو ته شوٽرز جو بندوبست اسان ڪري ورتو آهي، نوازشريف چيو ته مريم نواز جي لنڊن اچڻ بعد منصوبي تي عمل ڪيو ويندو، تسنيم حيدر شاهه چيو ته سازش بابت برطانوي پوليس کي آگاهه ڪيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان جا جاچ ادارا به گهرائيندا ته بيان ڏيڻ ويندس.