لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ مٿس حملي ۾ اسٽيبشلمينٽ جو ڪوبه هٿ ناهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان ڇا حاصل ڪيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ مڪمل طور سامهون اچي ويندو، لانگ مارچ جي سيڪيورٽي بابت سوال تي پرويز الاهي چيو ته پنجاب حڪومت عمران خان جي مڪمل حفاظت ڪندي.