ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ نظرثاني، خرچن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽوتي: آءِ ايم ايف بعد عالمي بينڪ ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
119
ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ نظرثاني، خرچن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽوتي: آءِ ايم ايف بعد عالمي بينڪ ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ نظرثاني، خرچن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽوتي: آءِ ايم ايف بعد عالمي بينڪ ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي بينڪ ارڙهين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جو مطالبو ڪندي حڪومتي خرچا 10 سيڪڙو گھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب عالمي بينڪ سفارش ڪئي آهي ته پاڪستان حڪومت ارڙهين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪري

جڏهن ته ٽڪيس وصولي کي ٻيڻو ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي بينڪ خرچن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽ هڻڻ جي گھر ڪري ڇڏي آهي.  ان کان سواءِ پگھار دار ۽ غير پگھاردار طلبي لاءِ ٽيڪس سليب ۾ گھٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. عالمي بينڪ ڪجهه شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته عالمي بينڪ دالين، کاڄري تيل ، ميون ۽ کير تي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڇوٽ ختم ڪرڻ سان روينيو ۾ 100 ارب رپين جي بچت ٿيندي. عالمي بينڪ حڪومت کي چيو آهي ته عارضي طور تي ڪفايت شعاري وارا قدم کنيا وڃن

معاشي ترقي جي شرح 5 کان 6 سيڪڙو تي کڻي وڃڻي پوندي.  عالمي بينڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو ته بجلي جي قيمتن  ۾ وڌيڪ واڌ جي ضرورت نه آهي پر بجلي جي لائن لاسز کي گهٽ ڪيو وڃي. هن مقامي قرضن کي ملتوي ڪرڻ تي به اعتراض ڪندي چيو ته مقامي قرض ملتوي ڪرڻ سان بينڪنگ سيڪٽر ۽ سرمائيڪاري متاثر ٿي سگهي ٿي ان لاءِ پاڪستان کي مقامي قرض ملتوي ڪرائڻ جي عمل ۾ محتاط رهڻو پوندو. عالمي بينڪ جي نائب صدر چيو ته چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين سان معاشي سڌارن تي ڳالهيون ٿيون آهن. معاشي اصلاحات جو عمل جاري رهڻ گهرجي. معاشي پاليسين تي عمل ضروري آهي. مارٽن ريزر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 2 کان 3 سيڪڙو وڌائڻو پوندو

صرف ٽيڪس وصوليون ڪرڻ ڪافي نه آهن. خرچ ۽ ٽيڪس اصلاحات تي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. زرعي شعبي کي سهولتون ڏيڻ کان سواءِ ٽيڪس روينيو ۾ اضافو مشڪل هوندو.  ٻئي پاسي عالمي بينڪ پاڪستان کي پيش ايندڙ 6 وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. عالمي بينڪ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ امڪاني اصلاحن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي هيومن ڪيپيٽل جي بحران کي منهن ڏيڻو آهي ان لاءِ دستياب انساني وسيلن جو گهٽ استعمال پيداوار ۽ ترقي کي متاثر ڪري رهيو آهي. عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن. پاڪستان ۾ سڄي دنيا مان سڀني کان وڌيڪ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جڏهن ته 10 سالن کان ننڍي عمر جا 79 سيڪڙو ٻار پڙهڻ جي صلاحيت کان محروم آهن. عالمي بينڪ موجب پاڪستان هن وقت مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي. مالي سال 2022 جي اختتام تائين مالي خسارو 22 سالن جي بلند ترين شرح 7.9 سيڪڙو تائين پهچي ويو. پاڪستان جي مٿان قرض مقرر قانوني حدن کان وڌيڪ 78 سيڪڙو جي بلند شرح تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي

عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاليسين ۾ عدم تسلسل سبب سرمائيڪاري ۽ برآمدات جي کوٽ آهي. پاڪستان جو زرعي شعبو غير پيداواري ۽ ٻڏتر جو شڪار آهي. پاڪستان ۾ زرعي شعبي جو ڊي پي ۾ حصو 23 سيڪڙو آهي ۽ پاڪستان ۾ زرعي شعبو 40 سيڪڙو پورهيتن کي روزگار فراهم ڪري ٿو. عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ توانائي جو شعبو ڀروسي نه ڪرڻ جوڳو ۽ معيشت تي بار آهي پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾ گردشي قرض مالي پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو سرڪاري شعبو به غير موثر آهي. پاڪستان ۾ پاليسي فيصلن جو محور ذاتي مفاد آهن.