اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيپرا عملدارن ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جو 20 سالن جو لائسنس ختم ٿي ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 6 مهينن جو عبوري ڊسٽري بيوشن لائسنس ڏنو ويو آهي، ڏنل عبوري لائسنس به جنوري ۾ ختم ٿي ويندو. نيپرا اختيارين جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ لائسنس جي تجديد بابت اسٽيڪ هولڊرز کان تجويزون طلب ڪيون ويون پر اڪثر تجويزون اليڪٽرڪ ڊسٽري بيوشن لائسنس جي تجديد خلاف آيون. ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ اختيارين دعويٰ ڪئي ته هنن نجڪاري کانپوءِ 20 سالن ۾ 474 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، اها رقم پاور ڊسٽريبيوشن ۽ ٽرانسميشن ۽ ٻين شعبن ۾ لڳائي وئي، ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي ڪراچي جي اڳواڻ عمران شاهد چيو ته نيپرا  کي ڪي اليڪٽرڪ جي مدد نه ڪرڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ بدترين لوڊشيڊنگ ڪري ٿي.