وڏي وزير جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ جهڙو اعتراف

0
118
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

هونئن ته امن امان جون حالتون گذريل حڪومت ۾ به تمام خراب هيون پر نگران حڪومت اچڻ کانپوءِ سنڌ جي عوام کي اها اميد هئي ته جيئن ته نگران حڪمرانن جون سياسي مجبوريون نه آهن، ان ڪري ان عرصي ۾ امن امان جون حالتون بهتر ٿينديون ۽ نگران حڪومت ايندي ئي ڌاڙيلن خلاف وڏي آپريشن جو اعلان ڪيو، جنهن سان پڻ عوام جي ان اميد کي تقويت ملي پر نگران حڪومت دوران ڏوهه گهٽجڻ بدران ويتر وڌي ويا آهن، خاص طور تي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهڻي واڌ آئي آهي ۽ نگران حڪومت ڌاڙيلن خلاف آپريشن شايد ڪن مصلحتن يا مجبورين سبب ڪري نه سگهي آهي. ڪراچيءَ ۾ نگران وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وڏي وزير طرفان سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو ڪيل اعتراف پنهنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ ناهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟ ان موقعي تي آءِ جي سنڌ طرفان نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪمت عملي ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن سبب ڀنگ عيوض اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري انهن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ڪراچي ۾ پوليس جي پرڏيهي شهرين جي واپسي تي ڌيان ۽ مصروفيت سبب اسمگلنگ، بجلي چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي.

سنڌ ۾ ڀلي چونڊيل حڪومت هجي يا نگران سيٽ اپ، ڏوهن جو گراف ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي، پر گهٽجندو نه آهي ۽ موجوده نگران حڪومت ۾ پڻ ڏوهن کي ڏانوڻ پئجي نه سگهيا آهن. موجوده نگران حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ ئي عوام ڏسي ورتو هو ته اها ڦڪي به فرق نه ڪندي، ڇو ته ان وقت به مغوين جي بازيابيءَ لاءِ جيڪي ڌرڻا لڳا هئا، ان وقت به انتظاميا سخت انتظامي قدمن بدران ڀوتارن تي ڀاڙيو هو. سنڌ جو نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر آهي، پر عوام ان مان به تڏهن آسرو پلي ورتو هو، جڏهن ان به مغوين جي بازيابي لاءِ سردارن ۽ ڀوتارن کي ٽاسڪ ڏنو هو. اهو ته ويتر انهن کي مضبوط ڪرڻ جي مترادف هو، جنهن سان نگران حڪومت جي بيوسيءَ جو تاثر وڌيڪ سگهارو ٿيو. پوليس ٿاڻن تي حملا ٿيا، اهلڪار اغوا ٿيا، پر حڪمرانن جون سردارن کي ميڙون منٿون انهن جي بازيابيءَ جي لاءِ جاري رهيون، قانون جي عملداري قائم نه ٿي سگهي. نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ آهي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ امن امان جون بهتر حالتون ضروري آهن پر نگرانن جي دور ۾ امن امان جون حالتون بهتر ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿي رهيون آهن. نگران حڪمرانن قانون جي عملداري قائم ڪرڻ بدران ڪمال عفو ۽ درگذر جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر اها ڪهڙي مصلحت ۽ مجبوري آهي، جو ڏوهارين/ڌاڙيلن خلاف آپريشن نه پيو ڪيو وڃي؟ باقي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي بهادر جو اهو جواز ئي قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، جو موصوف کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ درياءَ جي لاٿ جو انتظار آهي، يا وري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ٻين ڏوهن ۾ واڌ لاءِ اهو جواز به کل جوڳو آهي ته پوليس غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسيءَ تي ڌيان ڏيئي رهي آهي. پوليس جي ان مصروفيت وارو جواز به اکين تي پر سوال اهو آهي ته هيستائين سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل ڌارين کي تڙڻ ۾ پوليس ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي؟ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ان حوالي سان سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ته بنهه مايوس ڪندڙ آهي. پوليس کي ته پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ بس ڪو بهانو کپي.

سنڌ ۾ امن امان جون حالتون بنهه خراب آهن، جن جو سنڌ جي نگران وڏي وزير اعتراف ڪيو آهي، جيڪو اعتراض پنهنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ جي مترادف آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته رڳو اعتراف ئي ڪافي ناهي، ان حوالي سان سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پوليس جي نااهلي جي احتساب جي ضرورت آهي. پوليس بهاني بازي ڇڏي ڏوهارين خلاف سخت قدم کڻي ته ڏوهه جي خاتمي جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو. ٻيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ترت ئي سخت آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي.