فيض گنج/ اڪري چودڳي (نمائندن وٽان) قديمي ماڳ ليلا جا آتڻ تي قبضا گيرن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف جسقم سول سوسائٽي جي ڪارڪنن اڪري چودڳي پريس ڪلب اڳيان بک علامتي هڙتالي ڪيمپ ٽئين ڏينهن به جاري رهي. ايڊووڪيٽ راجا الطاف شر، ايڊووڪيٽ زين العابدين راڄپر، عطا شر، شاز، خادم، مظلوم، جنيد سنڌي، الطاف سنڌي، صدام شر چيو ته اسين عدم تشدد جا پيروڪار آهيون ۽ پرامن احتجاج ۽ جدوجهد ذريعي سنڌ ڌرتي جي وسيلن ٻيٽن توڙي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. هوڏانهن ڪلچرل کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري، اي ڊي سي ون خيرپور ضمير جاگيراڻي، اي سي محمد مستقيم قريشي ۽ روينيو عملدارن سان گڏ تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر آفيسرن کي تاريخي ماڳ تي قبضي، لتاڙ، هٿ چراند، ماڳ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت بابت آگاهي ڏني. سيڪريٽري ڪلچر کاتو اڪبر لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن زمين تي بلڊوزر هلايا ويا آهن، وزٽ دوران اتان نڪرندڙ نوادرات نظر اچن پيا، جن مان محسوس ٿئي پيو ته قبضي هيٺ آيل زمين تاريخي ماڳ جي آهي.ٻي طرف سيڪريٽري ڪلچر ان کان پهريان اي سي فيض گنج سان ملاقات ڪري تاريخي ماڳ واري زمين جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو، سيڪريٽري ڪلچر جي تاريخي ماڳ جي وزٽ دوران ماڳ تي موجود قومپرست ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تاريخي ماڳ تي قبضا گيرن خلاف احتجاج پڻ ڪيو.