لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ٺيڪيدار ڀاءُ رحمت الله ابڙو کي مبينا طور ڦاهي گھاٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري معاملي تان قيدين سخت احتجاج ڪيو ۽ جيل جي ڇت تي چڙهي ويا، جتي هنن جيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اهڙي صورتحال کان پوءِ جيل انتظاميا فوري طور اضافي نفري طلب ڪندي جيل جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪري ڇڏي. ذريعن موجب قيدين ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ جھيڙو پڻ ٿيو، جنهن معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ قيدي پنهنجي بئرڪن ۾ روانا ٿي ويا.