بيجنگ (م ڊ) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان کي ٻيهر چين جو حصو بڻائڻ جو عمل ضرور پورو ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان کي ٻيهر پنهنجو حصو بڻائڻ جو عمل پرامن طريقي سان ٿيندو پر گڏ ئي هن خبردار به ڪيو ته چين جا ماڻهو عليحدگي جي خلاف جدوجهد جي هڪ عظيم ڪهاڻي رکن ٿا. چيني صدر جي بيان تي رد عمل ۾ تائيوان جي صدارتي محل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو جزيري جي قسمت جو فيصلو اتي رهندڙ ماڻهن جي هٿ ۾ آهي.