ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ويجهو روڊ حادثي سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميرپوربٺورو واسي نوجوان عادل خواجه ۽ مڪيش واگهيلا باءِ پاس روڊ تان وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ سبب ٻئي نوجوان ڪري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو، جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مڪيش واگهيلا کي سول اسپتال ڪراچي ۽ عادل خواجه کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.