ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو ويجھو ٽرڪ جي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 4 ڄڻن کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو. ٺٽي ويجھو سجاول ٺٽو باءِ پاس تي درگاھ پير قادري لڳ بُهه سان ڀريل ٽرڪ روڊ ڀرسان قائم ڪيل رٻڙي جي 3 پڙين مٿان ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا غلام مصطفيٰ گندرو ۽ سندس 2 پٽ مرتضيٰ ۽ مشتاق گندرو ستار زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو آهي.