بي اعتمادي رٿ ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي: آمريڪا

0
331
پيغام موڪلڻ وارن الزامن

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) غريب ملڪن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ بينگاهه ماڻهن کي ماريندڙ آمريڪا ڌمڪين واري خط کان لا تعلقي جو اظها رڪندي چيو ته تحريڪ عدم اعتماد ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي

آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد جي رٿ ۾ آمريڪا جي ملوث هجڻ جي الزامن ۾ صداقت ناهي

پاڪستاني جي نجي چينل (جيو) جي طرفان سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عد اعتماد جي باري ۾ ڌمڪين واري خط ۾ صداقت ناهي، پر اسان پاڪستان ۾ جاري صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمران کي سپورٽ ڪندا آهيون

واضح رهي 27  مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان خط ڏيکاريندي پنهنجي قوم کي ٻڌايو هو ته ٻاهرين ملڪن جي پيسن سان حڪومت تبديلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڌمڪي ڏني آهي جيڪو هي خط ثبوت آهي ۽ گذريل ڏينهن عمران پاڪستان جي سينيئر صحافين سان ملاقات ڪري ڌمڪين واري خط بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڪئميرا پارليامينٽ کي ڏيکارڻ جو به چيو

ھي به پڙھندا

خط اسان جي سفير پاران لکيو ويو، ملڪ جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون: وزيراعظم