خط اسان جي سفير پاران لکيو ويو، ملڪ جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون: وزيراعظم

0
272
خط اسان جي سفير پاران لکيو ويو
خط اسان جي سفير پاران لکيو ويو، ملڪ جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سينيئر صحافين سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اڄ سينيئر صحافين کي ڌمڪي وارو خط ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو هو، هن صحافين سان ملاقات ڪئي پر خط نه ڏيکاريو رڳو مواد کان آگاهه ڪيو

ذريعن موجب ملاقات ۾ اسد عمر ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني ۽ خط جو رڳو مواد شيئر ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته خط فوجي قيادت سان شيئر ڪيو هو پر خط ۾ استعمال ڪيل ٻڌائي به نٿا سگهون

وزيراعظم چيو ته هو خط تي پارليامينٽ کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏيندو جڏهن ته خط اسان جي پنهنجي سفير لکيو آهي. هن چيو ته هو خط ۾ لاڳاپيل ملڪ جو نالو نٿو ٻڌائي سگهي، خط تي قومي سلامتي جا ضابطا لاڳو ٿين ٿا

جيو نيوز جي اينڪر شهزاد اقبال موجب خط ۾ وزير اعظم جنهن حصي کي ڌمڪي آميز قرار ڏيندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، اهو بي اعتمادي جي رٿ بابت آهي ته جيڪڏهن رٿ ڪامياب ٿي وئي ته سڀ ڪجهه معاف ٿي ويندو پر عمران خان رهي ٿو ته اسان خوش نه ٿينداسين ۽ پاڪستان لاءِ شيون مشڪل ٿي وينديون