ٽندوميرعلي (ن پ ا) بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقيرآباد ۾ پورھيت شبير شر تي بااثرن مبينا طور تشدد ڪيو، زخمي جو چوڻ هو ته ڀاءُ ڏانهن جوابدارن جا وياج جا پئسا آهن، مشتاق شر، قربان شر حملو ڪري رسن سان ٻڌي تشدد ڪري مينھن ڪاھي ويا، بوزدار وڏا ٿاڻي تي اين سي ڪرائڻ باجود جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، پورھيت ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي اپيل ڪئي. ايس ايچ او بوزدار وڏا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا ھڻي رھيا آھيون، مينھن هٿ ڪئي آھي، جوابدار جلد گرفتار ڪنداسين.