دادو (رپورٽر) دادو ۾ جڳهه جي ڪم دوران ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ دادو شهر جي غريب آباد پاڙي جي وڏي مسجد ڀرسان جڳھ جي تعميراتي ڪم دوران ڀت ڪري پئي، ڀت جي ملبي هيٺان دٻجي ويل 28 سالن جي شيردل چانڊيو ملبو هٽائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو جتي زخمن جي سٽ نه نوجوان پورهيت فوت ٿي ويو آهي ، اطلاع تي وارث اسپتال پهتا ۽ پورهيت جو مڙھ ڳوٺ سيال ۾ گهر کڻائي پهتا ته وارثن ۾ روڄ راڙو مچي.