مٽياري (رپورٽر ) مٽياري شهر جي واپاري اوي ناش کان ٻه نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ذريعن موجب رات جو اوي ناش شهر کان گهر طرف اچي رهيو هو ته پير سرهندي محلي وٽ کائنس ٻه هٿياربندن پنجاهه هزار رپيا ڦر ڪري ويا آهن. ٻئي طرف ايس ايچ او مٽياري جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ٿاڻي تي ڪير به نه آيو آهي ڪير ايندو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.