چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون لڳ شهر ٽنڊو مٺا خان مان رات دير سان نالي واري بورچي عبدالرشيد عمراڻي جي گهر مان 3 لک رپيا روڪ رقم ۽ لکين رپين جو سون چوري، جنهن جو اطلاع ملڻ  تي چوٽياريون پوليس پهتي، شروعاتي جاچ بعد چور جا پير ڍڪيا ويا ۽ مشھور پيرين غلام حسين هنڱورو، دايو جوڻيجو ۽ ٽمون شاهه کي گهرائي معززين جي سامهون پيرا ڀيٽي ڪئي وئي جنهن دوران ٽنڊومٺاخان شهر جي رهاڪو غلام حسين عرف گونگو ڪيريو جا پير نڪتا جنهن کي پوليس گرفتار ڪري چوٽياريون ٿاڻي تي کڻي آئي. ايس ايچ او چوٽياريون صحافين کي موقف ڏنو آهي ته پيرا ڀيٽي بعد چور کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا ڀاڳيا اچن قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.