بنگالين بابت فيصلي تي سنڌ حڪومت خاموش ڇو ؟

0
263
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ سان وفاق جي زيادتين جو سلسلو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، هڪڙي زيادتي ختم ٿي ٿئي ته وري ٻي شروع ٿي ٿي وڃي،سنڌ حڪومت به تيستائين چپ آهي جيستائين عوام جو سخت ردعمل نه ٿو اچي .عوام جي رد عمل، مزاحمت ۽ احتجاج کان پوءِ سنڌ حڪومت جاڳي ٿي ۽ پنهنجي ئي اختيارن بابت ڳالهائڻ جي همت ڪري ٿي.ايئن وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ناعاقبت انديش ۽ مخصوص سياسي ايجنڊا رکندڙ سازشي صلاحڪار وفاقي حڪومت کان اهڙا فيصلا ڪرائي رهيا آهن،جيڪي بعد ۾ سنڌ جي عوام جي احتجاج تي واپس وٺڻا پون ٿا جنهن ڪري وفاقي حڪومت جي به بدنامي ٿئي ٿي،جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو وارو فيصلو هو. وفاقي حڪومت اهو نه ٿي سمجهي يا سمجهڻ نه ٿي چاهي ته هڪ مخالف سياسي پارٽي جي حڪومت هئڻ جو مطلب اهو قطعي ناهي ته ڪو اهو صوبو سندن مخالف آهي جو انهي خلاف هر آئي ڏينهن ڪا سازش تيار ڪئي وڃي يا ان جي اصلي رهواسين خلاف ڪا منصوبابندي ڪئي وڃي. وفاق جي سياست ڪندڙ وفاق جي حڪمران ڌر سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهي کي سنڌ ۾ پير پختا ڪرڻا آهن ته سنڌ جي مسئلن ۽ معاملن کي به سمجهڻو پوندو باقي اهڙي قسم جي فيصلن سان ان صوبي جي عوام ۾ انهي پارٽي خلاف ئي بدگمانيون پيدا ٿينديون.سنڌ ۾گهڻي وقت کانوٺي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن، ڪڏهن بهارين جي صورت ۾ ته ڪڏهن بنگالي برمين جي صورت ۾ ته ڪڏهن افغانين جي صورت ۾ ڌاريا سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. هن وقت به سنڌ ۽ خاص ڪري ان جي گادي وارو هنڌڪراچي انهن ڌارين۽ غير قانوني پرڏيهين سان ڀريو پيو آهي،جنهن خلاف گهڻي وقت کان وٺي سنڌ ۾ هڪڙي هلچل جاري آهي. انهن غير قانوني پرڏيهين مان ڪيترائي ئي وري جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي ملڪ جو شهري ڪرائي چڪا آهن، جنهن جو اعتراف خود گهرووزير ۽ ايف آءِ اي طرفان لکن جي تعداد ۾ غير قانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ جو اعتراف آهي. هاڻي وري وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 1971ع ۾ لڏي ويندڙ بنگالين جون ملڪيتون هاڻي انهن بنگالين کي ڏنيون وينديون جيڪي بنگلاديش ٺهڻ جي ڪري پاڪستان لڏي آيا. سنڌ جي سياسي تحريڪ انهن بنگالين کي هتي آباد ڪرڻ جي ان وقت به مخالف هئي ۽ انهي خلاف لڳاتار جدوجهد ڪندي رهي. هاڻي وفاقي حڪومت اهو مئل گهوڙو ٻيهر قبر مان ڪڍي سنڌ جي ڪنڌ ۾ ڇو ٿي هڻڻ چاهي؟ دراصل انهي سازش پٺيان ڪجهه مخصوص سياسي ڌرين جا مفاد آهن جنهن جو نمائندو هاڻي قانون جي وزير جي حيثيت ۾ اهڙيون سازشون ڪرائي رهيو آهي جيئن سنڌ ۽ خاص ڪري ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ رکيو وڃي،جيڪڏهن انهن غير قانوني بنگالين کي اهو ملڪيت جو حق ڏنو ويو ته ان جو سڌو مطلب اهو ٿيو ته انهن کي پاڪستان جو شهري تسليم ڪيو ويو آهي جنهن جي سنڌ جون هڙئي سياسي جماعتون مخالفت ڪنديون رهيون آهن .
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي حڪومت جا پاڻ ۾ سياسي معاملا ڪهڙا به هجن پر اهڙي قسم جي وفاقي حڪومت جي فيصلي کي ڪوبه سنڌ دوست قبول نه ڪندو تنهن ڪري وفاق کي اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جو به اهو فرض آهي ته اها اهڙي فيصلي جي کليل مخالفت ۽ مزاحمت ڪري ڇو ته سنڌ جي عوام ان کي رڳو اقتدار لاءِ ناهي چونڊيو پر ان جي حقن جي حفاظت جي به ذميواري ڏني آهي .