ڪيليفورنيا ۾ لڳل باهه لکين ايڪڙ ايراضي تائين ڦهلجي وئي!

0
264
ڪيليفورنيا ۾ لڳل باهه لکين ايڪڙ ايراضي تائين ڦهلجي وئي!

لاس اينجلس: امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقي ۾ لڳل باهه 4 لک 30 هزار ايڪڙ ايراضي تائين پکڙجي وئي آهي. ڊڪسي جي ٻيلي ۾ لڳل اها باهه ڪيليفورنيا جي تاريخ جي ٽئين وڏي باهه آهي. ڪيليفورنيا جو علائقو گرين ويل باهه سبب سخت متاثر ٿيو آهي جتان رهواسين کي ڪڍيو پيو وڃي. اختيارين جو خيال آهي ته بجلي جي ٿنڀي مٿان وڻ ڪرڻ سبب باهه لڳي، جيڪا قابو کان ٻاهر ٿي وئي، تنهن هوندي به ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.