ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي ٿاڻي جي حد ۾ 18 ورهين جي نوجوان مبينا طور وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ڳوٺ علڻ ڪپري ۾ نوجوان شاھنواز ڪپري پٽ رسول بخش ڪپري مبينا طور ڳوٺ ڀرسان انب جي وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو اطلاع تي پوليس ۽ وارثن نوجوان جي لاش کي تعلقي اسپتال کڻائي پهتا، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش کي وارث ڳوٺ کڻائي ويا، وارثن ٻُڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو جنهن جي ڪري هن اھڙو قدم کنيو.