اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان حسوڊهو ۾ نوجوان بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، شاهنواز سولنگي پنهنجي گهر حسوڊهو ۾ بجلي جون تارون ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته جنازه نماز بعد اباڻي قبرستان ونگڙ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته اوچتو پٽ جي وڇوڙي تي والده کي بيهوشي جا دوره پئجي رهيا آهن