مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ۾ پسند جي شادي نه ٿيڻ تي نوجوان انت آڻي ڇڏيو. ان ڏس ۾ مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڳوٺ بچو ڳهيلو جي رهواسي ويهن ورهين جي نوجوان يونس پٽ قمر الدين ڳهيلو ڪيتري ئي عرصي کان پنهجن مائٽن کي پسند جي پرڻي لاءِ چئي رهيو هيو پر پسند پرڻو نه ڪرائڻ تان نوجوان جوان گهران ڪاوڙجي نڪتو ۽ مٽياري مدرسي موڙ وٽ پاڻ کي ٽرالر جي سامهون ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جو لاش پوليس کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب پهرين لڳو ته روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿيو آهي جنهن بعد پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪپ ڪيو جنهن بعد تصديق ٿي ته نوجوان پاڻ خودڪشي ڪئي آهي ته ٽرالر ڊرائيور کي آزاد ڪيو ويو. نوجوان جي خودڪشي ڪرڻ جي ڳوٺ جي نيڪ پڻ تصديق ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ پڻ رکي وئي آهي.