اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري شهباز شريف کي رڏيهه وڃڻ کان روڪڻ واري معاملي تي چيو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ نالو وجهڻ يا ڪڍڻ ڊي جي ايف آءِ اي جو اختيار آهي ۽ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي ڪا به درخواست ڊي جي آءِ اي کي ناهي ڏني وئي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته رڳو زباني ڳالهين تي رڪارڊ ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي چيو ته حڪومت ان فيصلي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪندي. هوڏانهن وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته ماضي ۾ حڪمران رهندڙن کي ڀڄڻ جي تمام گهڻي جلدي آهي. ائين ڀڄي رهيا آهن جيئن چور چوري کان پوءِ ڀڄندو آهي، چورن جون ڊوڙون ته ڏسو اڃان عدالت جي آرڊر جي مس ئي ناهي سڪي ته هي پرڏيهه روانو ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پهچي ويا، هاڻ نه هنن کي نه ڪورونا جو ڊپ آهي ۽ نه وري چيلهه ۾ تڪليف، هنن کي ته پنهنجي ملڪ جي ڊاڪٽرن تي به ڀروسو نه آهي.. وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف جو ڀاءُ پٽ ۽ ناٺي به اشتهاري آهن، هاڻ هي سڀ چور لنڊن ۾ گڏجي عيد ملهائيندا. ان کان علاوه اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ نوازشريف جي گارنٽي ڏني هئي جيڪو اڃان تائين فرار آهي، هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته شهباز شريف کي گرمي تنگ ڪري رهي آهي ان جو دل لنڊن جون ٿڌيون هوائون کائڻ جي لاءِ تڙپي رهيو آهي.