لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ شهباز شريف کي روڪڻ عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي قرارڏيندي چيو آهي ته اهڙي عمل مان ثابت ٿي ويو ته سليڪٽڊ ڪيترو ڊنل آهي، حڪومتي ترجمانن عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي. شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي ردعمل ڏيندي نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، ٽوئٽ بيان ۾ مريم نواز چيو ته شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي روڪڻ مان ثابت ٿيو ته سليڪٽيڊ ڪيترو ڊنل آهي، شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ بابت عدالتي فيصلي جي ڪاپي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي موڪلي وئي هئي. هوڏانهن نواز ليگ جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومتي ترجمانن عدالت فيصلي جي توهين ڪئي، بليڪ لسٽ جو ڪو جواز ئي ناهي. نواز ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو ته شهباز شريف کي قيد ۾ رکڻ واري عمراني خواهش پوري نه ٿي، شهباز شريف کي علاج کان محروم رکڻ جي ڪوشش به ناڪام ٿيندي. هڪ بيان ۾ پرويز رشيد جو چوڻ هو ته 2005ع ۾ به هڪ آمر شهباز شريف جي وطن واپسي کان ڊنل هو.