لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اجازت باوجود ايف آءِ اي شهبازشريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ايئرپورٽ تان گهر واپس موٽي ويو. ميڊيا رپورٽس موجب اميگريشن اختيارين خالف ڌر اڳواڻ ۽ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف کي لاهور ايئر پورٽ تي روڪي ورتو. شهباز شريف لاهور ايئر پورٽ کان قطر روانو ٿي رهيو هو، جتان هن کي طبي معائني لاءِ لنڊن وڃڻو هو پر ايئرپورٽ تي اميگريشن اختيارين کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. اختيارين شهباز شريف سان مڪالمو ڪيو ته اسان جي سسٽم ۾ توهان اڃا تائين بليڪ لسٽ ۾ آهيون ان تي شهباز شريف چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آهي، هڪ ڀيرو سفر جي اجازت ڏني آهي. ان موقعي تي شهباز شريف اميگريشن اختيارين کي عدالت جا حڪم به ڏيکاريا ۽ عطا تارڙ اختيارين کي عدالتي حڪم نامو پڙهي به ٻڌايو. اپوزيشن ليڊر ڏيڍ ڪلاڪ ايئرپورٽ تي بيٺل رهيو، اميگريشن طرفان پرڏيهه روانگي جي اجازت نه ڏيڻ تي شهباز شريف واپس گهر روانو ٿي ويو. شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ وارو سبب لکت ۾ ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي اختيارين هن کي آف لوڊ ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. آف لوڊ فارم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهباز شريف جي حوالي سان سسٽم اڃا اپ ڊيٽ ناهي ٿيو. ايئرپورٽ تان واپسي بعد صحافين سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته سومر تي 11 وڳي برطانيا ۾ ڊاڪٽر سان چيڪ اپ لاءِ ٽائيم رکي ڇڏيو آهي،هن چيو ته خدا جو ٿورائتو آهيان جو هن عزت سان ميرٽ تي ضمانت ڏياري. پنهنجي زندگي ۾ اهڙي فاشسٽ حڪومت ناهي ڏٺي، هن وزير اعظم کي انتقام کانسواءِ ڪو ڪم نٿو اچي. نواز ليگ جي صدر وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جا يوٽرن ايترا آهن جو هاڻ قومهن جي ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندي آهي. هوڏانهن شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو عدالتي حڪم لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم جي ڪاپي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي اميگريشن  ڏانهن به اماڻي وئي. شهباز شريف جي ليگل ٽيم جي موجودگي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو لکت وارو حڪم اماڻيو ويو آهي ۽ عدالت جو لکت وارو حڪم هاءِ ڪورٽ جي ڊسپيچ  برانچ جي ذريعي لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. شهباز شريف جي وڪيلن عدالتي حڪم ميسنجر جي ذريعي گهرو وزارت ڏانهن اماڻڻ جي استدعا ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار چيو ته لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ اهو ناهي لکيو ته حڪم ميسنجر ذريعي اماڻيو وڃي.