بلوچستان جو زهريلو پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ٿيڻ خلاف شهدادڪوٽ ۾ ڌرڻو

0
267

شهدادڪوٽ: بلوچستان جو زهريلو پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ٿيڻ خلاف آبادگارن شهدادڪوٽ جي ڪوٽوموٽو چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو

زهريلي پاڻي جي ڇوڙ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي

آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو زهريلو پاڻي کيرٿر ڪينال ۽ سيف الله مگسي ڪينال ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته زهريلي پاڻيءَ جي ڇوڙ سبب سنڌ لکين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي ويندي، سرڪار ٻوڏ متاثرن جي اڃا تائين ڪا به واهر نه ڪئي آهي

آبادگارن دانهيو ته رڳو من پسند علائقن جي سروي ڪرائي پئي وڃي، بلوچستان مان ڇوڙ ٿيندڙ زهريلو پاڻي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي