ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ جي ڀاءُ جا سنگين الزام

0
444
ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي ڀاءُ عبدالوارث پوليس عملدارن تي سنگين الزام هنيا آهن

عبدالوارث ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڊي ايس پي ڀاءُ سميت 5 پوليس آفيسرز ۽ جوانن کي پوليس جي ڪارين رڍن شهيد ڪرايو

هن چيو ته ڌاڙيلن 3 مغوي واپس ڪرڻ جو چئي شهيد آفيسرز ۽ جوانن کي ٽريپ ڪيو، ٽريپ ڪرائڻ ۾ پوليس وارا به ملوث هئا

عبدالوارث چيو ته منهنجي ڊي ايس پي ڀاءُ سميت شهيد ٿيل 5 ئي آفيسرز کي ڪو بيڪ اپ يا سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي؟

شهيد ڊي ايس پي جي ڀاءُ مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ، پوليس آفيسرز جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائين

واضح رهي ته رائونتي جي ڪچي ۾  آپريشن دوران هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي: شهيد ٿيل 5 پوليس آفيسرز ۽ جوانن جو ڪيس داخل

شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن کي جلد ختم ڪنداسين: آءِ جي سنڌ