برطانوي عدالت شهبازشريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو

0
289
ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو
برطانوي عدالت شهبازشريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو

برطانوي عدالت شهبازشريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو.

برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي شهباز شريف ۽ سندس پٽ سليمان شريف جا منجمد ڪيل بينڪ اڪائونٽس جي جاچ رپورٽ ويسٽ منسٽر ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، اين سي اَي جِي رپورٽ تي ويسٽ منسٽر ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت شهبازشريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو ۽ منجمد ڪيل بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اين سي اَي پنهنجِي رپورٽ ۾ چيو ته، شهبازشريف ۽ سندس خاندان خلاف مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ڏوهي سرگرمين جا ثبوت ناهن مليا، شهباز ۽ سليمان شريف جَي برطانيا ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ بينڪ اڪائونٽس جِي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي،

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ،  نيب ۽ ايسٽ ريڪوري يونٽ جِي درخواست تي 21 مهينن جِي جاچ ۾ 20 سالن جَي مالي معاملن جو جائزو ورتو ويو.

واضح رهي ته ، شهباز شريف ۽ سليمان شهباز جا بينڪ اڪائونٽس ڊسمبر 2019 ۾ عدالتي حڪم تي منجمد ڪيا ويا هئا………….