ڪوٽڙي: گم ٿيل نينگر جو گند جي ڍير تان تشدد ٿيل لاش هٿ

0
268
تشدد ٿيل لاش هٿ
ڪوٽڙي: گم ٿيل نينگر جو گند جي ڍير تان تشدد ٿيل لاش هٿ!

ڪوٽڙي: خدا جي بستي ڪوٽڙي مان گذريل ڏينهن کان گم ٿيل ڏهن سالن جي نينگر جو بند پيل جاء جي ڀرسان ڪچري جي ڍير تان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.

مسڪين ڪالوني خدا جي بستي جو رهواسي ثاقب علي ولد علي نواز ڀٽي گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو.  بند پيل جاء جي ڀرسان ڪچري جي ڍير تان مليل لاش جو اطلاع پاڙي وارن پوليس کي ڏنو،

پوليس ۽ ڊاڪٽرن موجب بدبوء ڪري ويل لاش 24 ڪلاڪن کان مٿي جو آهي جنهن تي تشدد جا به نشان آهن. فوتي نينگر جو پيء رڪشو هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي.

سندس چوڻ  آهي ته سندن ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، پٽ جي گمشدگيء جي ٿاڻي تي به اين سي ڪٽرايم جڏهن ته گهڻي ڳولا باوجود پٽ هٿ نه آيو اڄ ان جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي.