بدين (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم جا پنهنجي ئي آفيسر مٿان گهوٻين جا الزام، عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان. ميونسپل ڪاميٽي بدين جي ملازم ۽ اڳوڻي ڊرينيج انچارج مرتضيٰ خاصخيلي چيف ميونسپل آفيسر مقصود ملاح خلاف ميونسپل ڪاميٽي جي فنڊن ۾ گهوٻين جا الزام هڻندي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ خاصخيلي چيو ته سي ايم او مقصود ملاح گذريل ٻن سالن دوران ميونسپل جي فنڊن ۾ 40 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪري چڪو آهي. هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي کي هر مهيني سرڪار کان هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جي بجيٽ ملندي آهي، جڏهن ته دڪانن جي مسواڙ، پڙي ٽيڪس ۽ ٻِي آمدني الڳ آهي. ماهوار بجيٽ مان ملازمن جي هڪ ڪروڙ جي پگهارن جي رقم ڪڍي باقي رقم سي ايم جي رحم ڪرم تي آهي. هن چيو ته آئون سي ايم او مقصود ملاح جي ڪرپشن خلاف عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ لاڳاپيل کاتن ۾ شڪايت داخل ڪرائي رهيو آهيان. اميد آهي ته عدالتون ۽ ادارا بدين جي عوام سان ضرور انصاف ڪندا.